سنڌ جي گورنرسان نيشنل ڊزاسٽرمئنيجمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل جي ملاقات

ڪراچي : سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ملاقات ڪئي آهي.

گورنر هائوس جي ترجمان موجب ڪراچي ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ گهربل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان کان اڳ گورنر جي صدارت هيٺ اجلاس به ٿيو، جنهن ۾ برسات کي نظر ۾ رکندي صفائي سٿرائي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.

عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته وزيراعظم کي ڪراچي جي معاملي تي وڏي ڳڻتي آهي، شهر جي مسئلن جي مستقل حل لاءِ عمران خان سمري منظور ڪئي، حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ڪراچي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔