حڪومت جوعيد تي عوام کي تحفو، پيٽروليم شين جي اگهه ۾ 4 کان 5 رپيا واڌ

اسلام آباد :حڪومت عيد جي موقعي تي عوام تي پيٽرول بم ڪيرائيندي پيٽروليم شين جي اگهه ۾ 4 کان 5 رپيا واڌ جو فيصلو ڪري ورتو.

ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت پهرين آگسٽ کان ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 4 کان 5 رپين تائين في ليٽر واڌ هوندي.

نون اگهن موجب پيٽرول 3 رپيا 86 پئسا في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 5 رپيا في ليٽر، گاسليٽ 5 رپيا 97 پئسا ۽ لائٽ ڊيزل آئل 6 رپيا 62 پئسا في ليٽر مهانگو هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔