سرحدي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بندوبست ڪيا پيا وڃن: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌُ سماءَ واري وزير سينيٽر شبلي فراز چمن ۾ فرينڊ شپ گيٽ بارڊر ڪراسنگ تي تازي واقعي تي چيو ته عيد ۽ ڪورونا وائرس جي ڪري ڪجهه سرحدي رستا بند ڪيا ويا پر ڪجهه مڇريل عنصرن زوري چمن بارڊر پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سرحدي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ بندوبست ڪيا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته سرحدن کي عالمي قائدن جي موجب تحفظ ڏينداسين جيئن خبر پئجي سگهي ته ڪير اچي رهيو آهي ۽ ڪير وڃي رهيو آهي.

سينيٽر شبلي فراز افغان حڪومت کان درخواست ڪئي ته هو سرحدي علائقن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪن.

ان کان سواءِ وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهن عوام کي ورغلايو ۽ زوري سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڇڪتاڻ وارو ماحول پيدا ٿي ووي جنهن جي نتيجي ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان رد عمل سامهون آيو.

هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ٻئي ڀائر ملڪ آهن ۽ تاريخي تعلق رهيو آهي ۽ ان سان گڏ اسان افغان ڀائرن جي لاءِ ضروري شين جي امپورٽ هئي ان ۾ سهڪار ڪيو.

سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ امن معاهدي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو، اسان سمجهون ٿا ته سرحدن بابت معاملن ۾ عالمي قانون لاڳو ٿيندو آهي.

 ان کان سواءِ هن چيو ته سرحدي رستو بند ٿيڻ جي ڪري اسمگلر جي مالي مفاد کي نقصان رسيو ۽ هنن لاقانونيت جي صورتحال پيدا ڪئي جيئن ان مان فائدو کڻي سگهن.

سندس چوڻ هو ته افغانستان حڪومت ۽ عوام سان رشتو مضبوط ڪنداسين ۽ ڪوشش هوندي ته علائقائي صورتحال کي قابو ڪنداسين ۽ مستقبل ۾ اهڙو ماحول پيدا نه ٿئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔