حڪومتي دعوائن باوجود کنڊ جي اگهن ۾ واڌ تي ضابطو نه آيو، في ڪلو 100 رپيا وڪرو

اسلام آباد : وزير اعظم عمران خان جي نوتيس ۽ ٻين حڪومتي عملدارن جي دعوائن باوجود کنڊ جي اگهن ۾ واڌ تي ضابطو نه آيو، ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ کنڊ 100 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي. شماريات کاتي پڻ تصديق ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد، پشاور ۾ کنڊ 100 رپيا ڪلو جڏهن ته ڪراچي، پنڊي، ڪوئيٽا ۾ 95 رپيا ڪلو ۾ کنڊ وڪرو ٿي رهي آهي. لاهور، فيصل آباد، ملتان ۽ لاڙڪاڻي ۾ کنڊ جي قيمت في ڪلو 90 رپيا آهي. شماريات کاتي موجب چئن هفتن دوران 11 رپيا اضافي کانپوءِ في ڪلو کنڊ جي سراسري قيمت 92 رپيا ٿي وئي آهي. شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران اٽي جي 20 ڪلو واري ٿيلهي تي 10 رپيا، ٽماٽن ۾ 14 رپيا واڌ، جڏهن ته بصر ۽ پٽاٽا پڻ مهانگا ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔