سعودي ۽ نار ملڪن ۽ يورپ ۾ عيدالاضحيٰ ملهائي وئي

ڪراچي : سعودي عرب سميت نار جي ملڪن ۾ اڄ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي صلعم ۾ روح پرور ميڙاڪا ٿيا، عيد نماز ۾ حاجين سميت شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره سميت سعودي عرب ۾ عيد جي نماز جي ميڙاڪن جي موقعي تي سماجي وٿي جو خاص خيال رکيو ويو ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون ويون.ان موقعي تي اسلام جي سر بلندي، مسلمان امت جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. گڏيل عرب امارتن، مصر،ڪويت، اردن، بحرين ۽ قطر ۾ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. انڊونيشيا، ايران، مصر ۽ ملائيشيا ۾ به عيد سادگي سان ملهائي وئي،مسلمانن سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي قرباني ڪري رهيا آهن. يورپ ۽ آمريڪا ۾ به مسلمانن عيد ملهائي،ترڪي ۾ به عيد جي نماز جا وڏا ميڙاڪا ٿيا، جن ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ايس او پيز جو خاص خيال رکيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔