سنڌ رينجرز پاران جيلز ۾ سرچ آپريشن، پابندي مڙهيل سامان هٿ

ڪراچي : سنڌ رينجرز ڪراچي سينٽرل جيل، حيدرآباد ۽ سکر جيلز ۾ سرچ آپريشن ڪري قيدي بئرڪس ۽ سيلز مان پابندي مڙهيل سامان هٿ ڪري ورتو، رينجرز ترجمان موجب آپريشن ۾ رينجرز جي مختلف ونگز حصو ورتو، ٽيلي ويزن، چاقو، قينچي، يو ايس بي، ميمري ڪارڊ ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون. سنڌ رينجرز جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردي ۽ پيش ايندڙ خطرن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي سينٽرل جيل، حيدرآباد ۽ سکر جيلز ۾ آپريشن ڪيو ويو، جنهن ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ کوجي ڪتن جي پڻ مدد ورتي وئي. رينجرز ترجمان موجب قيدي بئرڪس جي جهڙتي دوران ٽيلي ويزن، چاقو، قينچي، يو ايس بي، ميموري ڪارڊ، ايم پي فائف، لائٽرز ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب سرچ آپريشن دوران جيلن ڏانهن ايندڙ ويندڙ سمورن رستن ۽ ٻي سيڪيورٽي بابت انتظام به چيڪ ڪيا ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔