وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رين ايمرجنسي بابت اعليٰ سطحي اجلاس

ڪراچي :وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ رين ايمرجنسي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، وڏي وزير چيو آهي ته گجر نالي تي گلستان جوهر، گلشن ظفر، پي سي ايڇ ايس ۽ زمان ٽائون ۾ قبضا ٿيل آهن، اسان کي سويريج سسٽم کي برساتي سسٽم کان ڌار ڪرڻو پوندو. چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضال ۽ ڪورپس ڪمانڊر جي به شرڪت، صوبائي وزير ناصر شاهه آگاهي ڏيندي چيو ته سولر بازار نالي کي پٿر وجهي چوڪ ڪيو ويو، جنهن سبب اوور فلو ٿيو، چيف سيڪريٽري پاران سمورن نالن تان قبضا ختم ڪرائڻ جي تجويز، چيئرمين اين ڊي ايم اي چيو ته سيوريج سسٽم ۾ گند ڪچري جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻا پوندا. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ رين ايمرجنسي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، مرتضيٰ وهاب، ڪورپس ڪمانڊر ڪراچي ليڪفٽيننٽ جنرل همايون عزيز، چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضال، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه ۽ ڪمشنر ڪراچي سميت ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس دوران بريفنگ ڏيندي ناصر حسين شاهه چيو ته سولجر بازار وٽان نالي کي چوڪ ڪيو ويو، جنهن سبب نالا اوور فلو ٿيا ۽ علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. ڪمشنر ڪراچي چيو ته برساتي نالا اوور ٿيڻ سبب گهڻو نقصان ٿيو، چئن ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ نالا کولي پاڻي ڪڍيو ويو. چيئرمين اين ڊي ايم اي محمد افضال چيو ته برساتي پاڻيءَ سبب ٿيندڙ تباهين کي روڪڻ لاءِ نالن ۾ گند ڪچري جي روڪٿام لاءِ قدم کڻڻا پوندا. اجلاس ۾ وڏي وزير چيو ته ڪي ايم سي وٽ 38 ۽ ڊي ايم سيز وٽ 514 ننڍا نالا آهن، هن چوماسي جي سسٽم ۾ 63 کان 86 ايم ايم هڪ ڪلاڪ کان گهٽ وقت ۾ برسات پئي ۽ اسان جو نيڪاسي جو سسٽم 30 منٽن ۾ 30 ايم ايم برسات جو پاڻي ڪڍي سگهي ٿو. وڏي وزير چيو ته گجر نالي تي گلستان جوهر، گلشن ظفر، پي سي ايڇ ايس ۽ زمان ٽائون ۾ قبضا ٿيل آهن، اسان کي سويريج سسٽم کي برساتي سسٽم کان ڌار ڪرڻو پوندو………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔