ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن خلاف ايڪتا جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد : وفاقي حڪومت 5 آگسٽ کي ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن خلاف ايڪتا جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،وزير اعظم عمران خان آزاد ڪشمير جي اسيمبلي کي خطاب ڪندو ۽ سموري ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز ۽ خاص معاون معيد يوسف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته 5 آگسٽ 2019کان ڪشميرين جي جدوجهد جو نئون موڙ شروع ٿيو آهي،شائننگ انڊيا برننگ انڊيا ٿي ويو آهي،اسان جون نظرون سري نگر ۾ آهن. پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير تي ڀارتي ظلمن جي خلاف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي 9 خط لکي چڪا آهيون. هن چيو ته آر ايس ايس والاريل ڪشمير کي ڀارت جو حصو بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي،. شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي اختيارين پاران ڪشمير کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو،مسلمانن سان گڏ ٻين مذهبن جا ماڻهو به والاريل ڪشمير کي ورهائڻ نه ڏيندا. هن چيو ته ڪشميرن سان گڏ ڪالهه به بيٺل هئاسين هاڻي به بيٺل آهيون،هڪ سال تائين ڪشميرين ڏکيو وقت گذاريو،آخري فتح تائين ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته ڪشمير ۾ اڄ به ڪميونيڪيشن بليڪ آئوٽ آهي،ڪشميري ڊبل لاڪ ڊائون کي منهن ڏئي رهيا آهن،دنيا ڪشميرين جي ڏک کان واقف آهي،سموري دنيا ۾ ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪريون پيا. پرڏيهي وزير چيو ته سموري قوم ڪشمير تان قربان ٿي ويندي،عمران خان جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جو آواز بلند ڪيو ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي جا ٽي اجلاس ٿيا. هن چيو ته يورپي يونين ۾ به ڪشمير جي معاملي کي اٿاريو ويو،دنيا ڄاڻي ٿي ته سڀ کان وڏو ملٽري زون ڪشمير آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته لاڪ ڊائون کانپوءِ دنيا کي ڪشميرن جي بي وسي جو وڌيڪ احساس ٿيو،ڇاڪاڻ ته ڪرونا کان اڳ ۾ ڪشميري لاڪ ڊائون ۾ هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔