سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 20 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 498 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 20 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 498 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي هڪ لک 20 هزار 896 ٿي ويو آهي، هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 20 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي ويا، هن چيو ته 24 ڪلاڪن دوران 10842 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، وڌيڪ 498 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته ڪراچي ۾ 261، سکر ۾ 38، شڪارپور ۾ 24 ۽ ڪشمور ۾ 19 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، شهيد بينظير آباد ۽ حيدرآباد ۾ وڌيڪ 14-14 ڄڻا ڪورونا جو شڪار ٿيا آهن، هن چيو ته 24 ڪلاڪن ۾ 689 مريض صحتياب ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔