ڀارتي اداڪارا وجيا لڪشمي طرفان هراسان ڪرڻ سبب آپگهات جي ڪوشس

ممبئي : آپگهات ڪري حياتي جو انت آڻيندڙ سوشانت سنگهه جي آپگهات وارو معاملو هيل تائين حل ناهي ٿي سگهيو پر هڪ ٻي خبر ڀارتي شوبز انڊسٽري ۾ نئون بحث شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي اداڪارا وجيا لڪشمي طرفان هراسان ڪرڻ سبب آپگهات جي ڪوشس ڪرڻ واري خبر سڀني کي ڏکارو ڪري ڇڏيو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب تامل شوبز انڊسٽري جي مقبول اداڪارا وجيا لڪشمي طرفان پنهنجي زندگي جي خاتمي جي ڪوشش جي خبر سڀني کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو اداڪارا کي هراسان ڪندڙ بااثر شخصيتن جي گرفتاري جو مطالبو ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب مقبول تامل اداڪارا آپگهات کان اڳ فيس بڪ اڪائونٽ تي ڪجهه وڊيوز شيئر ڪري انتهائي قدم کڻڻ جي وضاحت ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڪهڙي ريت سندس زندگي مصيبت ۾ وڌي وئي آهي. هن مقامي سياسي پارٽين جي ٻن اهم اڳواڻن سيمان ۽ هري نادر تي هراسان ڪرڻ جا الزام لڳايا. هن ٻڌايو ته سياسي اڳواڻن نه رڳو ميديا ۾ تذليل ڪئي پر هو کيس آن لائن هراسان به ڪن ٿا. هن چيو ته هو ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا ٿي وئي آهي ۽ ان لاءِ حياتي جو انت آڻي رهي آهي. هڪ ٻي وڊيو ۾ هن چيو ته بلڊ پريشر گهٽ ڪرڻ واريون گوريون کاڌيون آهن هاڻي بلڊ پريشر انتهائي گهٽجي ويندو جنهن کانپوءِ مان مري وينديس. هن حڪومت، انتظاميا ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته کيس هراسان ڪرڻ وارن سياسي اڳواڻن خلاف اهڙي ڪارروائي ڪئي وڃي جو منهنجو آپگهات مثال بڻجي وڃي. وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ اداڪارا کي فوري اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ هاڻي چنئي جي هڪ اسپتال ۾ سندس علاج هلندڙ آهي. ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي ٻنهي سياسي اڳواڻن جي گرفتاري جو مطالبو زور وٺي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔