لبيڪ اللهم لبيڪ جي صدائن سان حج جي رڪنن جي محدود پئماني تي ادائيگي شروع

مڪو شريف؛ لبيڪ اللهم لبيڪ جي صدائن سان حج جي رڪنن جي محدود پئماني تي ادائيگي شروع ٿي وئي آهي.حج پانڌيئڙا منا ۾ خصوصي ڪامپليڪس ۾ قيام ڪندا.جڏهن ته حج جو سڀ کان وڏو رڪن ، وقوف عرفه سڀاڻي ادا ڪيو ويندو، غلاف ڪعبا جي تبديلي به سڀاڻي ئي ٿيندي. مسجد نمره ۾ حج پانڌيئڙن لاء نشان لڳايا ويا آهن، ته جيئن ڪرونا جي پکيڙ کي روڪي سگهجي. واضع رهي ته سعودي عرب هن سال محدود پئماني تي حج جي ادائيگي جي اجازت ڏني آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔