ٿرپارڪر تي وسڪارو، بيراجي علائقن ڏانهن ويل ٿري ماروئڙن جي واپسي جو سلسلو شروع

ڪراچي: ٿرپارڪر تي ڪڪر وٺا ته ڏڪاريل ڏيهه مان بيراجي علائقن ڏانهن ويل ٿري ماروئڙن جي واپسي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، ان ڏس ۾ ٿر پارڪر ۾ سانوڻي رت جي برسات ڏڪاريل ماڻهن جي منهن تي مرڪون آڻي ڇڏيون آهن، ضلعي جي سڀني تعلقن ۾ کيتر جي پوکائي جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ ڏڪار سبب بيراجي علائقن ڏانهن ويل چوپائي مال جا ولر واپس ٿر ورڻ لڳا آهن. جنهن ڪري ونگو پتڻ ۽ نئون ڪوٽ قلعي تي ميلي وارو ماحول پيدا ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڀاڳين جو چوڻ آهي ته هيلوڪي برسات کان پوءِ گاهه جو اوڀڙ ڀلو ٿيو آهي، انهي گاهه کي مال جي چرڻ لاءِ هڪ هفتو لڳندو، جڏهن ته موقعي جو فائدو وٺندي سڪو پلال، بهه، بوسي، کڙ جا منافي خورن ريٽ چوٽ چاڙهي ڇڏيا آهن، جنهن ڪري ڀاڳيا سخت پريشان جي ور چڙهي ويا آهن. هنن چيو آهي ته منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هوڏانهن ماروي جي ملڪ ملير تي مينهن ڪَڻِين جي وسڻ جو ٻڌي سياحن ٿر جو رخ ڪري ورتو آهي، جنهن ڪري ٿر جي تفريحي ماڳن تي ماڻهن جي رش لڳل آهي، جيڪي خوب لطف اندوز ٿي رهيا آهن، جڏهن ته برسات کان پوءِ ٿري ماڻهن زمينن ۾ هر ڪاهي رهيا آهن جڏهن ته نئوڪوٽ ۽ ونگو تان چوپائي مال جا ڌڻ ٿر ڏي وڃي رهيا آهن جڏهن ته ٿر جي سيمن ۾ مال ۾ ٻڌل چڙن ۽ مٽرن جي آواز ماحول کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، جڏهن ته مورن جي ٽهوڪن ٿر جي موسم کي وڌيڪ خوشگوار بڻائي ڇڏيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔