سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ ڪچرو نه کڻڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪراچي ۾ ڪچرو نه کڻڻ ۽ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت ۽ بلدياتي ادارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ڊائريڪٽر ڪي ايم سي ۽ ميئر ڪراچي توڙي ذميوار آفيسر فوري طلب ڪيا ويا آهن، جسٽس خادم حسين شيخ جو چوڻ هو ته ڪراچي جو ٻُڏڻ الميو آهي، ڪنهن کي احساس نه آهي، ادارا هڪ ٻئي تي ذميواري وجهي رهيا آهن، هر پاسي غيرقانوني اڏاوت ۽ ڪچرو نه هٽائڻ سبب ڪراچي ٻڏي ويو آهي، ڪنهن ڏٺو ته گاڏيون پاڻي ۾ ٻڏل هيون، اختيارن جون صرف دانهون ٿي رهيون آهن، عوام تي ڪير به رحم نه پيو ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔