طالبان پاران افغانستان ۾ عيدالاضحيٰ جي سلسلي ۾ 3 ڏينهن لاءِ جنگ بندي جو اعلان

ڪابل : طالبان افغانستان ۾ عيدالاضحيٰ جي سلسلي ۾ ٽن ڏينهن لاءِ جنبگندي جو اعلان ڪيو آهي. افغان طالبان پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ عيدالاضحيٰ جي ٽن ڏينهن دوران پنهنجي ويڙهاڪن کي سڪيورٽي اهلڪارن تي حملا نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. طالبان پاران چيو ويو آهي ته انهن ڏينهن دوران جيڪڏهن مخالف ڌر ڏانهن ڪا به اڳرائي ڪئي وئي ته کين ڀرپور منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. ٻئي پاسي آمريڪا پاران طالبان جي جنگبندي واري اعلان جي آجيان ڪئي وئي آهي، آمريڪي سفير جو چوڻ آهي ته اميد ڪيون ٿا ته افغان حڪومت طالبان جلد ڳالهيون ڪندا، سندس چوڻ هو ته اميد ڪيون ٿا ته جلد ڳالهين واري ميز تي ٻئي ڌريون ڳالهين لاءِ راضي ٿينديون، روز ويلس وڌيڪ چيو ته افغاني شهري عيد جون موڪلون امن سان گذارڻ چاهين ٿا. واضح رهي ته افغان طالبان عيد الاضحيٰ کانپوءِ عالمي افغان ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ مشروط راضپو ڏيکاريو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔