ٽنڊومحمدخان ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ جو سلسلو جاري

ٽنڊو محمد خان : ٽنڊومحمدخان ۾ ڪورونا وائرس تيزي سان پکڙجڻ جو سلسلو جاري وڌيڪ 8 ڪيس ظاهر انگ وڌي 423 ٿي ويو.
گذريل ڏينهن 109 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ لاءِ جزا ورتا ويا هئا جن مان 8 ماڻهن جو ڪورونا ٽيسٽ پازيٽيو اچي ويو ان سلسلي ۾ ڊي ايڇ او ٻڌايو ته 8 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽيو اچي ويا آهن جنهن ۾ سرڪاري کاتن جا ملازم ۽ عام شهري شامل آهن،
هن ٽنڊومحمدخان جي شهرين کي اپيل ڪئي ته سماجي وٿي تي عمل ڪريو ۽ بازارن ۾ رش واري جڳهن تي وڃڻ کان پاسو ڪريو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔