ڀارت جي ڪنهن به اڳرائي جو پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو، قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ فيصلو

اسلام آباد: قومي سلامتي ڪميٽي جي اهم اجلاس ۾ ملڪ جي سول ۽ عسڪري قيادت فيصلو ڪيو آهي ته ڀارت جي ڪنهن به اڳرائي ۽ جارحيت جو پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو.

والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ ٿيل حملي ۽ 26 سياحن جي فوتگين تي ڀارت طرفان کنيل قدمن تي غور ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اهم اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه آصف ۽ گهرو وزير محسن نقوي، وفاقي وزير اطلاعات عطاءُالله تارڙ ۽ اعظم نذير تارڙ سميت ٻيا وزير شريڪ هئا.

انهي کان علاوه طارق فاطمه، اٽارني جنرل منصور اعواڻ به اجلاس ۾ موجود هئا، اجلاس ۾ اعليٰ عسڪري قيادت، قومي سلامتي ڪميٽي جا ميمبر ۽ ٻيا سينئر آفيسر به شريڪ هئا.

رپورٽ موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڀارت جي ڪنهن به مس ايڊونچر جو پوري طاقت سان جواب ڏنو ويندو. اجلاس جي دوران قومي سلامتي ڪميٽي هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔