ڀارت جي آبي دهشتگردي: چناب ۽ جهلم درياءَ جو پاڻي روڪي ڇڏيو

اسلام آباد:  ڀارت آبي دهشتگردي شروع ڪندي چناب ۽ جهلم درياءَ جي پاڻي کي روڪي ڇڏيو آهي.

ذريعن موجب ڀارت طرفان جهلم درياءَ جو 5 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب جو 7 هزار ڪيوسڪ پاڻي کي روڪيو ويو آهي. جهلم درياءَ ۾ گذريل ڏينهن پاڻي جو وهڪرو 49 هزار ڪيوسڪ هو، جهلم درياءَ ۾ اڄ پاڻي جو وهڪرو 44 هزار ڪيوسڪ آهي.

اهڙي طرح چناب درياءَ ۾ گذريل ڏينهن پاڻي جو وهڪرو 28 هزار ڪيوسڪ هو. جڏهن ته چناب ۾ اڄ پاڻي جو وهڪرو  22 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

ڀارت چناب درياءَ تي بگليهار ون ۽ ٽو تي 2 پن بجلي منصوبا تعمير ڪري رکيا آهن، جهلم درياءَ تي غيرقانوني ڪشن گنگا ۽ وولر بيراج ٺاهي رکيا آهن. ياد رهي ته ٻنهي دريائن تي ڀارت انهي کان اڳ به آبي دهشتگردي ڪندو رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔