پاڪ-ترڪ تعلقات، مختلف شعبن ۾ تعاون جي 24 معاهدن تي صحيحيون

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان خميس ڏينهن پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مختلف شعبن ۾ تعاون بابت 24 معاهدن تي صحيهون ڪيون. ترڪ صدر خميس جي رات دير سان اسلام آباد پهتو ۽ راولپنڊي ۾ وزيراعظم ۽ صدر آصف علي زرداري سندس آجيان ڪئي. ٻئي اڳواڻ پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران آيل مهمانن سان ملاقاتون ڪيون. ريڊيو پاڪستان جي رپورٽ موجب اڄ وزيراعظم شهباز سان ڳالهه ٻولهه لاءِ اسلام آباد ۾ وزيراعظم هائوس پهچڻ تي سندس شاندار استقبال ڪندي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هٿياربند فوج جي هڪ دستي دوري تي آيل معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو، ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. معاهدن تي صحيحن جي تقريب کانپوءِ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ پنهنجي پاران سڀني معزز مهمانن جي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪريان ٿو. پاڪستان اوهانجو ٻيو گهر آهي. پنجن سالن کان پوءِ توهان سان ملڻ ڏاڍو عجيب آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”پاڪستان جا ماڻهو اڄ توهان کي پنهنجي وفد سان گڏ پنهنجي برادر ملڪ جي دوري تي ڏسي بيحد خوش ٿيا آهن. وزيراعظم ترڪيءَ جو شڪريو ادا ڪيو ته ”زلزلن ۽ ٻوڏن دوران پاڪستان سان سدائين گڏ بيٺل رهيا ۽ هر ڏکئي وقت م مدد ڪئي. شهباز شريف چيو ته اڄ توهان جي پاڪستان جي دوري اسان جي ڀائپي وارن لاڳاپن کي نئين سطح تي پهچايو آهي. ان موقعي تي مهمان صدر رجب طيب اردگان گرمجوشي سان استقبال تي وزيراعظم شهباز ۽ صدر زرداري جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته اسان جي ڪائونسل جي ستين اجلاس ۾ جيڪو اسان تازو منعقد ڪيو، لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن دوري جي فريم ورڪ ۾، اسان سائنس، بئنڪنگ، تعليم، دفاع ۽ صحت سان گڏ واپار، آبي وسيلن، زراعت، توانائي، ثقافت، خانداني ۽ سماجي خدمتن جي شعبن ۾ ڪل 24 معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪائونسل جي اجلاس کان اڳ، منهنجي ڀاءُ شهباز شريف ۽ مون نه رڳو اسان جي ٻطرفن لاڳاپن، پر علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اسين فلسطيني رياست جو قيام چاهيون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔