اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ لوئر ڪورٽس مان ترقي ماڻي مقرر ٿيندڙ 6 نون ججن عهدي جو حلف کڻي ورتو، چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي نون ججن کان عهدي جو حلف ورتو.
عهدي جو حلف کڻندڙ ججن ۾ جسٽس عامر فاروق، جسٽس هاشم ڪاڪڙ، جسٽس اشتياق ابراهيم، جسٽس شڪيل احمد، جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس صلاح الدين پنهور شامل آهن.
انهي کان علاوه جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب به بطور وقتي سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کنيو. چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کان حلف ورتو.
حلف برداري تقريب ۾ اسلام آٻاد هاءِ ڪورٽ جي جج محسن اختر ڪياني، اٽارني جنرل، وڪيلن، لا آفيسر ۽ عدالتي اسٽاف به شريڪ هو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ چيف جسٽس پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ 6 ججن کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي هئي. جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس جي ڪارروائي نه روڪڻ تي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو هو جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر ۽ بيرسٽر علي ظفر به اجلاس جو بائيڪاٽ ڪري ويا هئا.
جوڊيشل ڪميشن بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس هاشم خان ڪاڪڙ، چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ اشتياق ابراهيم، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع صديقي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف چيف جسٽس عمار فاروق جي نالن جي منظوري ڏني هئي.
انهي کان علاوه جوڊيشل ڪميشن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شڪيل احمد کي به سپريم ڪورٽ جو جج بنائڻ جي منظوري ڏني هئي.