اسٽوئنس پاران ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان

ميلبورين : آسٽريلوي ڪرڪيٽر مارڪس اسٽوئنس ون ڊي ڪرڪيٽ تان فوري طور تي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.مارڪس اسٽوئنس 74 ون ڊي ميچن ۾ آسٽريليا جي نمائندگي ڪئي.ان حوالي سان ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته مارڪس اسٽوئنس ٽي 20 جي چونڊ لاءِ موجود رهندو.مارڪس اسٽوئنس ٽي 20 ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏيڻ لاءِ ون ڊي مان رٽائر ٿي ويو آهي.مارڪس اسٽوئنس چيمپيئنز ٽرافي لاءِ آسٽريلوي اسڪواڊ جو حصو هو، سندس متبادل کي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو. ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته قومي سليڪشن پينل سريلنڪا خلاف ٽيسٽ سيريز جي اختتام تي چيمپئنز ٽرافي اسڪواڊ کي حتمي شڪل ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔