ڪراچي: پرنس ڪريم جي لاڏاڻي کان پوءِ پرنس رحيم آغا خان کي اسماعيلي ڪميونٽي جو روحاني پيشوا مقرر ڪيو ويو آهي. انهي ڳالهه جو اعلان روحاني پيشوا جي گهر ڀاتين ۽ پارٽي جي سينئر ميمبر جي سامهون پرتگال جي گادي واري شهر لزبن ۾ ڪيو ويو.
اسماعيلي ميڊيا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب پرنس رحيم اسماعيلي ڪميونٽي جو 50هون امام آهي. انهي کي پرنس ڪريم آغا خان روايت موجب نامزد ڪيو هو. پرنس رحيم آغا خان کان علاوه پرنس ڪريم آغا خان جا وڌيڪ 2 پٽ علي محمد آغا خان ۽ حسين آغا خان آهن جڏهن ته هڪ ڌيءَ زهرا آغا خان آهي.
12 آڪٽوبر 1971ع تي پيدا ٿيندڙ شهزادو رحيم پرنس ڪريم آغا خان(مرحوم) ۽ ان جي پهرين گهر واري شهزادي سليمه جو وڏو پٽ آهي. هن فلپس اڪيڊمي انيڊور مان تعليم حاصل ڪئي ۽ 1995ع ۾ برائون يونيورسٽي مان تقابلي ادب ۾ بيچلر آف آرٽس سان گريجوئشن ڪئي.
پرنس رحيم آغا خان ڊوالپمينٽ نيٽ ورڪ جي ڪيترين ئي ايجنسين جي بورڊز ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي جڏهن ته هو انسٽيٽيوٽ آف اسماعيلي اسٽيڊيز ۽ ڪميونٽي جي سماجي ڪمن ۾ اڳيان وڌي حصو وٺي چڪو آهي.
پڌرائي موجب پرنس رحيم خاص طور تي ايڪون جي ماحوليات جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان فڪرمند آهي. هن ايڪون ۽ اسماعيلي ڪميونٽي جي ادارن جي ڪم تي به لاڳيتو ڌيان ڏيندي چيو آهي ته هو سڀني کان وڌيڪ غربت ۾ رهندڙن جي ضرورتن کي پورو ڪن ۽ تعليم، تربيت ۽ انٽر پرائز جي ذريعي معاشي حالتن کي بهتر بنائڻ ۾ مدد ڪن. شهزادو رحيم حڪومتي ۽ عالمي اڳواڻن سان باقاعدگي سان ملاقاتون به ڪندو رهيو آهي