آمريڪي عورت جو تماشو بنائڻ بجاءِ کيس واپس اماڻيو وڃي: ناديه حسن

ڪراچي: : مشهور پاڪستاني ماڊل ۽ ميڪ اپ آرٽسٽ ناديه حسين اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ گرفتار ٿي ڪراچي پهتل آمريڪي عورت کي واپس اماڻيو، انهي جو تماشو نه بنائڻ گهرجي. ناديه حسين پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته آمريڪي عورت 33 ورهين جي اونيجا اينڊريورابنسن جو تماشو ٺاهڻ جي ضورت نه آهي، انهي کي واپس پنهنجي ملڪ اماڻڻ گهرجي، ڇو ته هو جهڙي طرح جون ڳالهيون ڪري رهي آهي انهي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هن جو ذهني توازن صحيح نه آهي.ميڪ اپ آرٽسٽ واضح ڪيو ته انهي جو مذاق نه اڏايو وڃي ماڻهن کي معاملي جي سنگيني سمجهڻ گهرجي، هن ٻڌايو ته چيو پيو وڃي ته عورت ڪيترن ئي مهينن کان پاڪستان ۾ آهي ۽ هاڻ انهي جي ويزا جو مدو به ختم ٿي چڪو آهي، انهي لاءِ انهي کي واپس آمريڪا اماڻڻ گهرجي.ناديه حسين سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سميت سنڌ حڪومت کان به مطالبو ڪيو ته هو آمريڪي عورت کي واپس اماڻڻ جو انتظام ڪن، آمريڪي سفارتخاني کي به عورت جي مدد لاءِ اڳيان اچڻ گهرجي.ناديه حسين ميڊيا کي به اپيل ڪئي ته هاڻ هو عورت تي گهڻو ڌيان نه ڏين، عورت سان وڌيڪ نه ڳالهايو وڃي انهي جو گهڻو تماشو بنائڻ جي هاڻ ضرورت نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔