ڪُڪُڙَ ۽ ڪُڪِڙ جي شاهاڻي شادي، گهوٽ ڪنوار پارلر مان تيار، گُلن سان سجيل ڪار ۾ رخصتي

لاهور : توهان انسانن جون شاديون ته ڏٺيون هونديون پر لاهور ۾ ڪُڪُڙَ ۽ ڪُڪِڙ جي شادي جو ٻڌي دنگ رهجي ويندئو.
شادي انسانن جي ٿيندي آهي پر هن شادي ۾ ڪُڪُڙ گهوٽ بڻيو ۽ ڪُڪِڙ کي ڪنوار بڻايو ويو، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته شادي انتهائي شاهاڻي انداز ۾ ٿي ۽ سموريون رسمون به ادا ڪيون ويون.
سوشل ميڊيا تي ڪُڪُڙَ ۽ ڪُڪِڙ جي شادي جي دلچسپ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي ۽ رپورٽ موجب اها انوکي شادي لاهور ۾ ٿي.
ان شادي ۾ باقاعدي ڄڃ، کير پيئارڻ، مُنهن ڏسڻ جون رسمون ادا ڪيون ويون، ڄڃ دهل دمامن سان گلن سان سجيل گاڏي ۾ آئي، گهوٽ ۽ ڪنوارکي بيوٽي پارلر مان تيار ڪرايو ويو.
شادي جي تقريب باقاعدي شادي هال ۾ ٿي، ڪُڪُڙَ ۽ ڪُڪِڙ کي گلن سان سجيل ڪار ۾ اڳ ۾ تيار ٿيڻ لاءِ بيوٽي پارلر موڪليو ويو ۽ پوءِ اتان شادي هال آندو ويو.
پارلر ۾ ڪُڪِڙ کي ڪنوار جيان تيار ڪيو ويو، چُهنب تي لپ اسٽڪ لڳائي وئي، عروسي لباس سان گڏ سونا زيور به پارايا ويا.
ڄڃ جي هال پهچڻ تي اتي اڳ ئي موجود مهمانن رقص ڪيو، ڪنوار جي رخصتي کان اڳ کير پيئارڻ ۽ مُنهن ڏيکارڻ جي رسم به ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔