سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيڪا ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيڪا ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پيڪا ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، بل تي بحث دوران جي يو آءِ(ف) ۽ صحافي تنظيمن طرفان مخالفت ڪئي وئي.

جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته پيڪا ترميمي بل ايترو جلدي ۾ ڇو منظور ڪيو پيو وڃي؟ ايتري گهٽ وقت ۾ ته قانون کي پڙهي ئي نٿو سگهجي، صلاح مشورو ڪهڙو ٿيندو؟

ڪامران مرتضيٰ چيو ته بل ۾ تمام گهڻيون ڪمزوريون آهن. ڪوڙين خبرن جي تشريح نه ڪئي وئي آهي، ڪيئن فيصلو ٿي سگهندو ته ڪهڙيون خبرون ڪوڙيون آهن.

سينيٽر عرفان صديقي چيو ته بهتر ٿئي ها ته بل کان اڳ صحافين سان مشاورت ڪئي وڃي ها، بل جي روح کان اسان کي اتفاق آهي. سوشل ميڊيا جي صورت ۾ ڪوڙين خبرن جي بيماري جو علاج ضروري آهي.

گهرو سيڪريٽري ڪميٽي کي درخواست ڪئي ته قومي اسيمبلي مان منظور ڪيل بل کي به ساڳئي صورت ۾ منظور ڪيو وڃي، حڪومت ڪجهه ترميمون به آنديون آهن ته جيئن انهي کي قانون جي شڪل ۾ بهتر طريقي سان لاڳو ڪري سگهجي. ياد رهي ته پيڪا ترميمي بل انهي کان اڳ 23 جنوري تي قومي اسيمبلي مان به منظور ڪيو ويو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔