تل ابيب: فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس 4 اسرائيلي عورت فوجي يرغمالين کي آزاد ڪري ڇڏيو. عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب حماس اسرائيلي يرغمالين کي حلال احمر جي حوالي ڪري ڇڏيو.
رپورٽن موجب حلال احمر جون گاڏيون يرغمالين کي کڻي رفح طرف روانيون ٿي ويون آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب اڄ آزاد ڪيل فوجي يرغمالي عورتن جا نالا ڪارينا اريئيو، ڊينيئلا گلبوهه، نعما ليوي ۽ ليري الباگ آهن، اهي سڀ هڪ ئي فوجي يونٽ جو ميمبر هيون. 7 آڪٽوبر 2023 تي حماس جي اسرائيل تي حملي وقت اهي چارئي اسرائيلي فوج جون عورت سپاهي غزه جي ڀرسان مقرر هيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب غزه جنگبندي معاهدي جي تحت هر اسرائيلي فوج جي بدلي 50 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويندو جنهن جو مطلب آهي ته اڄ 200 فلسطيني قيدين کي به آزاد ڪيو ويندو.
فلسطين اسڪوائر تي لڳايل اسٽيج تي حماس ۽ ريڊ ڪراس جي نمائندن يرغمالين جي حوالگي دستاويزن تي صحيحون ڪيون جنهن کان پوءِ اسرائيلي فوج جون چارئي عورت اهلڪار حماس ۽ فلسطيني اسلامي جهاد جي هٿياربند ويڙهاڪن جي پهري ۾ کلندي اسٽيج تي نمودار ٿيون.
ياد رهي ته 19 جنوري تي حماس طرفان جنگبندي معاهدي جي تحت پهريان 3 اسرائيلي قيدين کي ريڊ ڪراس جي حوالي ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ اسرائيلي جيل مان 90 فلسطيني قيدين کي به آزاد ڪيو ويو هو.