ڪراچي: سنڌ جي سينئر وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي آئين جي بالادستي تي يقين رکي ٿي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته آئين ٺاهڻ ۽ قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي، پاڪستان جي آئين موجب پارليامينٽ سڀني کان وڌيڪ سپريم ادارو آهي، بلاول ڀٽو زرداري به اهو واضح ڪري چڪو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي آئين جو تحفظ ڪندي.
سينئر صوبائي وزير چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي تي يقين رکي ٿي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صدر آصف علي زرداري صدارتي اختيار پارليامينٽ ڏانهن منتقل ڪيا.
هن وڌيڪ چيو آهي ته جمهوريت جي استحڪام ۽ پارليامينٽ جي مضبوطي لاءِ جدوجهد پيپلز پارٽي جي تاريخ رهي آهي، ملڪ جي هر اداري جي ذميواري آهي ته پارليامينٽ جي منظور ٿيل آئين جي پاسداري ڪئي وڃي.