ڪراچي: سنڌ ۾ معراج واري رات جي موقعي تي تعليمي ادارن ۾ عام موڪل جو اعلان ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ جي تعليم کاتي 28 جنوري تي تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. تعليم کاتي موجب، معراج واري رات جي موقعي تي تعليمي ادارن ۾ موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اڱاري ڏينهن 28 جنوري 2025ع تي سڄي سنڌ ۾ سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا بند رهندا.