اسلام آباد:گرينڊ اپوزيشن الائنس اپوزيشن پارٽين اي پي سي گهرائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو جنهن ۾ موجوده سياسي، معاشي، آئيني ۽ سلامتي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
ذريعن موجب اپوزيشن قيادت ملڪ کي پيش ايندڙ چيلنجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جمهوري طاقتن جي گڏيل پليٽ فارم تحت گڏ ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته اپوزيشن اتحاد جو ايجنڊا آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني کي بحال ڪرڻ آهي.
ڪانفرنس ۾ وڪيل، تعليمي ماهر، هاري، سول سوسائٽي سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي گهرايو ويندو. گرينڊ اپوزيشن الائنس ٻين پارٽين سان گڏجي ملي نه صرف حڪومت جي غفلت سبب ملڪ ۾ جاري بحرانن تي غور ڪيو ويندو. انهي سان گڏ ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن اتحاد پاران پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر کي به اي پي سي ۾ گهرائڻ جو معاملو بحث هيٺ آيو. گذريل ڪجهه ڏينهن کان اپوزيشن اتحاد مختلف سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن ملڪ ۾ جاري سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪري مسئلن کان نڪرڻ جو ڪو حل ڪڍي سگهجي.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اپوزيشن اتحاد پاران پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ فواد چوڌري سان به رابطو ڪري سگهجي ٿو ۽ انهي کي به اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جو چئي سگهجي ٿو. ڇو ته فواد چوڌري جو پي ٽي آءِ ۾ واپسي جو اڃان تائين فيصلو نه ٿيو آهي. انهي لاءِ هو گرينڊ اپوزيشن الائنس ۾ شامل ٿي بهتر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.