ٽرمپ سان ٻه رياستي حل تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: فلسطيني صدر

يروشلم: فلسطيني صدر محمود عباس ڊونلڊ ٽرمپ کي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي صدارتي عهدي جو قسم کڻڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته هو اسرائيل سان ٻه رياستي حل تي ٻڌل امن فارمولي تي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، هڪ بيان ۾ محمود عباس چيو ته ” اسان اوهان جي صدارتي مدي دوران ٻه رياستي حل تي ٻڌل امن جي بحالي لاءِ اوهان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“
واضح رهي ته پنهنجي پهرئين صدارتي دور ۾ ٽرمپ انتظاميا امن جو هڪ منصوبو پيش ڪيو هو جنهن ۾ اسرائيل کي والاريل اولهندي ڪناري جو ڳچ حصو ڏيڻ ۽ ان جي عيوض مستقبل جي فلسطيني رياست کي ڪجهه علائقا ڏيڻ جو چيو ويو هو.
فسطينن ان تجويز کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته نار وارن عرب ملڪن طرفان آمريڪي ٽياڪڙي واري معاهدي تحت اسرائيل سان لاڳاپن جي بحالي واري معاملي اڳڀرائي ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔