يوٽيليٽي اسٽورز جا آپريشنز بند ڪري اثاثا ۽ پراپرٽي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جون تياريون شروع

اسلام آباد: وفاقي حڪومت طرفان سبسڊي روڪڻ کان پوءِ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا آپريشنز بند ڪري اثاثا ۽ پراپرٽيون حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.

تفصيل موجب وفاقي ڪابينه طرفان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا آپريشنز بند ڪرڻ جو عمل شروع ڪندي انهي سلسلي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي جڏهن ته اثاثا ۽ پراپرٽي حفاظتي تحويل ۾ وٺڻ جون تياريون به شروع ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينه يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا آپريشنز بند ڪرڻ بابت وفاقي صنعت، پيداوار واري وزارت جي وزير جي سربراهي ۾ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ناڻي واري وزارت جو مملڪتي وزير، آءِ ٽي جو مملڪتي وزير، ناڻي وارو سيڪريٽري، سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار، سيڪريٽري نجڪاري ۽ سيڪريٽري بي آءِ ايس پي جا نالا به شامل آهن.

ذريعن موجب وفاقي ڪابينه ڪميٽي جي لاءِ ٽي او آرز طئي ڪري ورتا آهن. جڏهن ته ساڳئي 7 رڪني جوڙيل ڪميٽي اسٽورز آپريشنز فوري بند ڪرڻ جو طريقيڪار به طئي ڪندي. ڪميٽي ڪارپوريشن جي پراپرٽي، اثاثن جي حفاظت، مينٽيننس جي لاءِ انتظامن جو جائزو به وٺندي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته 7 رڪني ڪميٽي ڪارپوريشن جي ملازمن کي سرپلس پول ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ انتظامن جو جائزو وٺڻ سميت ملازمن کي ٻين حڪومتي ادارن جي آسامين ۾ ضم ڪرڻ جو به جائزو وٺندي. ڪميٽي طرفان رمضان پيڪيج جي فراهمي لاءِ بي آءِ ايس پي سان گڏ ڪوآرڊينيشن بابت حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.

اعليٰ سطحي انهي ڪميٽي جي لاءِ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت سيڪريٽري سپورٽ فراهم ڪندي. ڪميٽي 7 ڏينهن جي اندر پنهنجي رپورٽ وفاقي ڪابينه کي پيش ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشنز بند ٿيڻ جي صورت ۾ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن سيل ۽ پرچيز نه ڪري سگهندا.

ياد رهي ته وفاقي حڪومت آگسٽ 2024 ۾ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي وزيراعظم جي ريليف پيڪيج جي تحت ملندڙ سبسڊي روڪي ڇڏي هئي. يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جو نالو نجڪاري پروگرام ۾ شامل آهي. موجوده حڪومت گذريل سال 5 ساله نجڪاري پروگرام جي فهرست ۾ يوٽيليٽي اسٽورز جو نالو شامل ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔