حڪومت جسٽس(ر) فقير محمد کوکر کي گم ٿي ويل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ گم ٿي ويل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، حڪومت جسٽس(ر) فقير محمد کوکر کي گم ٿيل ويل ماڻهن جي ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو.

ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته حڪومت جسٽس(ر) جاويد اقبال جي جڳهه تي نئون ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت قانونسازي جي ذريعي گم ٿي ويل ماڻهن تي  ٽربيونل ٺاهڻ چاهي ٿي.

جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته گم ٿي ويل ماڻهن جي ٽربيونل لاءِ ته قانونسازي ڪرڻي پوندي، ايڊيشنل اٽارني جنرل جواب ڏنو ته قانونسازي لاءِ ڪابينه ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي.

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڪيتري وقت ۾ قانونسازي جو عمل مڪمل ٿيندو، انهي موقعي تي جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته گم ٿي ويل ماڻهن جو ٽربيونل بابت قانون  اڳ ئي موجود آهي.

جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڪنهن کي گم ڪرڻ ڏوهه آهي، ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ٽرائل ڪريو، ڏوهه ناهي ڪيو ته انهي کي ڇڏي ڏيو. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته وفاقي حڪومت گم ٿي ويل ماڻهن جي مسئلي کي حل ڪرڻ چاهي ٿي.

جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن  مسئلو حل ڪرڻو هجي ها ته گم ٿي ويل ماڻهن جو مسئلو حل ٿي چڪو هجي ها، جسٽس حسن اظهر رضوي پڇاڻو ڪيو ته هينئر تائين ڪميشن ڪيترن گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو آهي؟ ڇا بازياب ٿيل اچي ٻڌائيندا آهن ته اهي ڪٿي هئا؟

گم ٿي ويل ماڻهن جي ڪميشن جي رجسٽرار چيو ته بازياب ٿيندڙ نٿا ٻڌائين ته اهي ڪٿي هئا، جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان اميد ئي ڪري سگهون ٿا ته حڪومت گم ٿي ويل ماڻهن جو مسئلو حل ڪري. پارليامينٽ کي قانونسازي جو نٿا چئي سگهون، جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔