گرائونڊ ٿيل گاڏين جي نيلامي، ملازمن لاءِ اليڪٽرڪ گاڏيون خريدڻ فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪراچي جي سرڪاري ملازمن لاءِ اي ويز خريد ڪندي گرائونڊ ٿيل گاڏيون هڪ مهيني ۾ نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.سنڌ ڪابينا جي سادگي بابت ذيلي ڪميٽي جو اجلاس سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار، علي حسن زرداري ۽ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ مختلف کاتن جي سيڪريٽرين سرڪاري گاڏين بابت 10 سالن جو رڪارڊ پيش ڪيو.ان موقعي تي شرجيل ميمڻ چيو ته گاڏين جي نيلامي جو عمل هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن وسيلا ضايع نه ٿين، اي وي گاڏيون خريد ڪرڻ سان حڪومت کي فائدو ٿيندو، پيٽروليم شين جي بچت ٿيندي.صوبائي وزير چيو ته حڪومت عوام جي وسيلن جي استعمال ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، جيڪي به سرڪاري گاڏيون بغير اجازت استعمال ڪن انهن کي حڪومتي حڪمن موجب گاڏيون واپس ڪرڻ گهرجن.هن چيو ته گرائونڊ ٿيل گاڏين جي نيلامي جو عمل به جاري آهي، نيلامي مڪمل شفافيت سان ڪئي ويندي، سمورا لاڳاپيل عملدار ۽ ادارا قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ نئين هدايتن تي عمل ڪن، گرائونڊ ٿيل گاڏين جي بروقت نيلامي انتهائي ضروري آهي.اجلاس کي خطاب ڪندي سعيد غني چيو ته غير ضروري خرچن ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي، جن ادارن وٽ اضافي گاڏيون آهن اهي اضافي گاڏيون واپس حڪومت کي ڏين.سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته گرائونڊ ٿيل گاڏين جي نشاندهي ۽ حڪومتي پاليسين تي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي، اسان جو مقصد عوام جو پئسو بچائڻ ۽ ضرورتن مطابق خرچ کي يقيني بڻائڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔