غزهه : يمن جي حوثين به اسرائيل خلاف حملا بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.حوثي ترجمان موجب حوثي اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ معاهدي جو احترام ڪندا.ترجمان چيو ته غزه پٽي ۾ جنگبندي کانپوءِ اسرائيل تي ميزائل ۽ ڊرون حملا بند ٿي ويندا.ياد رهي ته غزه ۾ جنگ بندي جو معاهدو 3 مرحلن تي مشتمل هوندو، معاهدي جو پهريون مرحلو 6 هفتن تي مشتمل هوندو.پهرين مرحلي دوران اسرائيلي فوج پاڻ کي غزه جي سرحد اندر 700 ميٽرن تائين محدود ڪندي.جنگبندي جي هن مرحلي ۾ اسرائيل لڳ ڀڳ 2000 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪندو، جن ۾ 250 قيدي به شامل آهن.