پي ٽي اي آڊٽ ڪري انٽرنيٽ اسپيڊ کي چيڪ به ڪندي آهي: شزا فاطما

اسلام آباد : سينيٽر محمد اسلم ابڙو سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته دنيا چنڊ تي پهچي وئي ۽ اسان جو انٽرنيٽ مسئلو حل نه پيو ٿئي، اسان ميسيج ئي نٿا موڪلي سگهون.آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزا فاطمه چيو ته پي ٽي اي انٽرنيٽ کي ڏسندي آهي، پي ٽي اي آڊٽ ڪري انٽرنيٽ اسپيڊ کي چيڪ به ڪندي آهي ۽ رپورٽ به شيئر ڪندي آهي. هن چيو ته جولاءِ کان نومبر تائين 33 سيڪڙو آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ واڌ ٿي، پاڪستان ۾ 25 سيڪڙو انٽرنيٽ واهپيدارن ۾ واڌ ٿي آهي، انٽرنيٽ جا وڌيڪ ايشو موبائل براڊبينڊ ۾ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔