نيشنل ايڪشن پلان بابت ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس اڄ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان، ذريعن موجب اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف قدمن بابت بريفنگ ڏني ويندي، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ، وڏا وزير ۽ وفاقي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، ڪَي پِي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته هو ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڇڪتاڻ تي ڳالهائيندو، آئون 24 نومبر تي احتجاجي مارچ جي حوالي سان به ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان، اسان کي جلسي لاءِ ڪنهن جي اجازت جي ضرورت ناهي