عمران خان کي بچائڻ لاءِ تحريڪ انصاف ۾ ڪوبه سچو ماڻهو نه آهي، فيصل واوڊا پي ٽي آءِ جي ڌرڻي کي ڊرامو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي بچائڻ لاءِ ڪوبه ماڻهو سچو نه آهي. پي ٽي آءِ جو 24 نومبر تي ڌرڻي جو اعلان ڊرامو آهي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته 25 نومبر تي عمران خان تي فرد جرم لاڳو ٿي ويندي. 24 نومبر جو جلسو مڪمل طور تي فلاپ ٿي ويندو. جيڪڏهن هي اسلام آباد ۾ اچي به ويا ته ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه هوندي. هنن کي هڪ مخصوص هنڌ ويهڻ لاءِ ڏنو ويندو. هي صرف تفريح لاءِ اسلام آباد اچي رهيا آهن. ڪجهه غلط ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته عدالتون وچ ۾ اچي وينديون پي ٽي آءِ ۾ جانبداري عروج تي آهي. هڪ مخصوص ٽولو عمران خان جي تڪليفن کي وڌائي رهيو آهي. اڳواڻ پئسا ٺاهڻ ۾ مصروف آهن.

هن چيو ته هاڻ هي 5 کان 7 هزار ماڻهو مشينري آڻي وفاق تي چڙهائي جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن روز ڪونه ڪو احتجاج جو سڏ ٿو ڏنو وڃي،  هن وقت 24 نومبر تي احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي. مان به پراڻو پي ٽي آءِ جو ڪارڪن رهي چڪو آهيان مان چاهيان ٿو ته پي ٽي آءِ باني جي جيل ۾ هجڻ جو ڪوبه فائدو نه کڻي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔