طوفان بائيپر جوائي ۾ وڌيڪ شدت، سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 400 ملي ميٽر تائين برسات متوقع، ڪراچي ۾ به شديد بارش جي پيشنگوئي
ڪراچي: عربي وڏي سمنڊ ۾ طوفان بائيپر جوائي جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو اچي ويو آهي ..
موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان گذريل 12 ڪلاڪن اتر پاسي وڌي رهيو آهي جيڪو ڪراچي جي ڏکڻ کان 600 ڪلوميٽر ۽ ٺٽي جي ڏکڻ کان 580 ڪلوميٽر پري آهي .
طوفان سبب سمنڊ ۾ هوا جي رفتار 180 کان 220 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي وچ ۾ آهي .14 جون تائين سامونڊي طوفان اتر طرف وڌندو ۽ 15 جون جي ٻن پهرن جو طوفان ڏکڻ اوڀارين سنڌ ۽ ڀارتي گجرات کي پار ڪندو .
15 جون جي صبح تائين سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر ۽ ڀارتي گجرات جي وچ ۾ ٽڪرائيندو .