اين سي او سي مئي مهيني دوران لاڪ ڊائون لاءِ انتظاميه ۽ وزارتن کي خط لکي ڇڏيو

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) مئي ۾ لاڪ ڊائون جي لاءِ وزارتن ۽ انتظاميه کي خط اماڻي ڇڏيو آهي.

اين سي او سي جي نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته وڌيڪ ڪورونا ڪيسز وارن ضلعن ۽ شهرن ۾ لاڪ ڊائون جو عبوري منصوبو آهي. 2 هفتن جو لاڪ ڊائون 2 يا 3 مئي کان لاڳو ٿيندو.

نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، ملتان، فيصل آباد، گوجرانوالا، بهاولپور، حيدرآباد، لوئر دير، مردان، نوشهره، مالاڪنڊ، چارسده، سوات، صوابي، مالاڪنڊ، مظفرآباد، پشاور، باغ  ۾ لاڪ ڊائون لڳايو ويندو.

نوٽيفڪيشن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مظفرآباد، سدهنوتي، پونچهه ۾ به لاڪ ڊائون لڳائڻ تي صلاح مشورو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته لاڳاپيل شهرن ۾ ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ مناسب قدمن کي يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔