ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي لاءِ فيس ماسڪ جو متبادل(نوزي) پيش

لنڊن: عالمي وبا ڪورونا وائرس کان بچاءُ جو هڪ ئي حل آهي ته انسان سماجي وٿي کي برقرار رکي ۽ ان سان گڏ ئي فيس ماسڪ جو استعمال ڪري. ڪورونا وائرس کان اڳ ڪيترائي ماڻهو فيس ماسڪ جو استعمال نه ڪندا هئا پر هاڻ هي اسان جي زندگين جو هڪ اهم حصو بڻجي ويو آهي جنهن کان سواءِ اسان گهر کان ٻاهر نڪرڻ جو سوچي به نٿا سگهون.فيس ماسڪ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ايجادون سامهون اچي چڪيون آهن ۽ گذريل ڪجهه مهينن ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس فيس ماسڪ پيش ڪيا ويا آهن. گذريل سال هڪ اهڙي شيءَ ايجاد ڪئي وئي آهي جنهن کي خاص طور تي پراائيربون پارٽيڪلز(هوا) ۾ موجود اهڙا ذرات جيڪي قدرتي اکين سان نظر نه ايندا آهن( جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو(نوزي) آهي.نوزي هڪ اهڙي ايجاد آهي جيڪو آساني سان اوهان جي نڪ تي فٽ ٿي ويندو آهي هن جي اندر اهڙا جديد فلٽرز موجود آهن جيڪي هوا ۾ موجود ذرات کي ساهه سان گڏ ڦڦڙن ۾ داخل ٿيڻ کان بچائيندا آهن. نوزي کي گذريل سال مارچ ۾ پيش ڪيو ويو هو جنهن کي ڊسمبر ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ پيش ڪرڻ هو پر عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب ان جي پيداوار متاٿر ٿي وئي ۽ هاڻ ان جي ورهاست اپريل 2021 کان ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔