آفريقي ملڪ استوائي گني ۾ ڇانوڻي اندر بارودي مواد ۾ ڌماڪو، هڪ سئو ڄڻا فوت

ڪوناڪري: اولهه آفريقي ملڪ استوائي گني جي فوجي ڇانوڻي ۾ گذريل ڏينهن زوردار ڌماڪي بعد باهه سبب مري ويلن جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي جڏهن ته 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
عالمي خابرو اداري موجب آفريقي ملڪ گني جي هڪ فوجي ڇانوڻي وٽ ماڻهن ٻني ۾ باهه هئين جيڪا تيز هوا جي ڪري ڇانوڻي جي غيرمحفوظ ذخيري جي بارودي مواد تائين پهتي ۽ زوردار ڌماڪو ٿيو.
ڌماڪو ايڏو طاقتور هو جو باٽا شهر جي تقريبن سمورن گهرن کي نقصان پهتو آهي، اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، شروعاتي طور تي 20 ماڻهو فوت ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿيا پر هاڻ مري ويلن جي انگ ۾ اضافو ٿيو آهي.
گني جو شهر باٽا هن وقت کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي جتي هر طرف تباهي آهي، گهرن ۽ گاڏين جا ڍانچا نظر اچي رهيا آهن جڏهن ته اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔