ناليواري فڪشن رائيٽر ۽ براڊ ڪاسٽر شمع خالد لاڏاڻو ڪري وئي

راولپنڊي: اردو جي ناليواي فڪشن رائيٽر ، براڊ ڪاسٽر ۽ مدرس ، محترما  شمع خالد هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي ، سندس لاڏاڻو راولپنڊي ۾ ٿيو .

تفصيل موجب کيس ڪالهه صبح جو اوچتوئي دل جو دورو پيو هو ،جيڪو سندس موت جو ڪارڻ بڻيو، آئرن ليڊي جي نالي سان ڄاتي ويندڙ شمع خالد نوجواني ۾ ئي پنهنجي تخليقي سفر جي شروعات ڪئي هئي ،هن 200 کان وڌيڪ ڪهاڻيون لکيون جن کي احمد نديم قاسمي ۽ ممتاز مفتي جهڙي قد آور اديبن ساراهيو.

هن سماج ۾ پابندي پيل موضوعن تي به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ هڪ مرداڻي معاشري ۾ پنهنجي جاءِ جوڙِي ورتي .

هن ٽن مضمونن ۾ ايم اي ڪئي ، ان سان گڏ ايل ايل بي جي سَنَد به حاصل ڪئي ، انساني فطرت جي بيان کي کيس عبور حاصل هو، ان ڪري کيس پڙهڻ وارن جو حلقو نهايت ئي وسيع هو .

هن سفرنامن سميت 8 ڪتاب لکيا ، تنقيد ڪندڙن موجب هن وٽ عام موضوعن کي ڪهاڻي جو روپ ڏيڻ جو فن هو.

هوءِ ريڊيو سان سلهاڙيل رهي ۽ ڊپٽي ڪنٽرولر طور رٽائر ڪيائين ،هن پڙهائڻ جون زميواريون به نڀايون ، سندس شاگرد سڄي ملڪ ۾ پکڙيل آهن ، سندس اولاد اعليٰ تعليم پرائي ۽ اهم عهدن تي فائز رهيا .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔