اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن کانپوءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان به يوسف رضا گيلاني کي رليف ملي ويو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سينيٽ چونڊن ۾ يوسف رضا گيلاني جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ علي حيدر گيلاني جي وڊيو جي بُنياد تي يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست ڏني هئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله پي ٽي آءِ ايم اين اي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ووٽن جي وڪري جو الزام مڙهي رهيا آهيو، وڊيو ۾ اُهي ماڻهو به شامل آهن، جيڪي توهان سان گڏ آهن، ڪوارنٽو جي رِٽ ۾ وڊيو کي ثابت ڪرڻ ناممڪن آهي، عدالت کي پارليامينٽ تي اعتماد آهي ۽ اسان سدائين پارليامينٽيرينز جو احترام ڪيو آهي، عدالت پي ٽي آءِ ايم اين اي علي نواز اعواڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔