ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين ڇو نه ٿا گهرايو؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت کان جواب طلب

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت پاران ڪورونا وائرس کان بچاءَ واري ويڪسين نه گهرائڻ بابت درخواست تي وفاقي حڪومت کان 30 مارچ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

ڪالهه ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ويڪسين ناهي گهرائڻي، جيڪڏهن امداد جي طور تي ايندي ته لڳائينداسين پر گهرائينداسين نه. جسٽس محمد علي مظهر پڇا ڪئي ته اهي معاملا ڪير ڏسي رهيو آهي؟

جنهن تي درخواستگذار چيو ته اهي معاملا اين سي او سي ڏسي رهي آهي. ان موقعي تي سنڌ جي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته آڪسفورڊ مان ويڪسين گهرائي ويندي ۽ ويڪسينيشن لاءِ رجسٽريشن هلي رهي آهي،

وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل طرفان رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي آهي، وفاقي حڪومت چيو آهي ته 65 سالن تائين جي ماڻهن کي ويڪسين لڳائي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔