ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ: اسڪول بند ڪرڻ سميت ڪيتريون ئي پابنديون ٻيهر لاڳو

اسلام آباد: اين سي او سي ڪورونا جا ڪيس وڌڻ تي اسڪول بند ڪرڻ سميت ڪيتريون ئي پابنديون وري مڙهي ڇڏيون آهن .

اين سي او سي جي اجلاس کان پوءِ وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ اسان جي صحت واري سسٽم تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري ڪجه اهم فيصلا ڪيا آهن .

هن ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ شام ڇهين وڳي کان تفريحي پارڪ بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته اسلام آباد ۾ آفيسن ۾ 50 سيڪڙو عملي جي حاضري جي فيصلي تي به عمل ڪيو پيو وڃي.

ڊاڪٽر فيصل سلطان جو چوڻ هو ته سينما هالز کي 15 مارچ تي کولڻ وارو فيصلو واپس ورتو ويو آهي ۽ هوٽلن ۾ اندر ويهي کائڻ تي به پابندي هوندي جڏهن ته شادي هالز جي حوالي سان به پابندي برقرار رهندي .

ان موقعي تي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته اسان ڪورونا بابت تعليمي حوالي سان ڏسون ٿا ، ڇو ته اسان جا 5 ڪروڙ ٻار تعليمي ادارن ۾ وڃن ٿا.

هن چيو ته سنڌ، بلوچستنا ۽ گلگت بلتستان ۾ حالتون ٺيڪ آهن ، اتان جي لاءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته 50سيڪڙو ٻار روز اسڪول ويندا ۽ سڀني ايس او پيز تي به عمل ڪيو ويندو .

شفقت محمود جو چوڻ هو ته پنجاب ، ڪي پي ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪجهه مسئلا نظر اچي رهيا آهن ان ڪري فيصل آباد ، گوجرانوالا ، لاهور ، گجرات ، ملتان ، اسلام آباد ، راولپنڊي ۽ سيالڪوٽ ۾ 15 مارچ کان تعليمي ادارا ٻن هفتن لاءِ بند هوندا ۽ بهار جون موڪلون هونديون .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔