ڪورونا وائرس ملڪ ۾ وڌيڪ43 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد : ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وبا سبب وڌيڪ 43 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 43 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 786 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.

اين سي او سي موجب ملڪ ۾ ڪورونا  سبب هينئر تائين 13 هزار 342 فوتگيون ٿيون آهن جڏهن ته صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 65 هزار 218 ٿي ويو آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو گڏيل انگ 5 لک 95 هزار 239 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 39 هزار 425 ڄڻن جا ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا.

سنڌ ۾ 2 لک 60 هزار 150، پنجاب ۾ هڪ لک 70 هزار، خيبرپختونخواهه ۾ 74 هزار 433، بلوچستان ۾ 19 هزار 141، اسلام آباد ۾ 46 هزار 229، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 959 ڪيسز، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 10 هزار 673 رپورٽ ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔