صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين بنائڻ لاءِ جمهوري ۽ قانوني طريقا استعمال ڪنداسين: شبلي فراز

اسلام آباد : وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته صادق سنجراڻي کي کٽرائڻ جي لاءِ هر سياسي، جمهوري ۽ قانوني طريقا استعمال ڪنداسين.

هن  ٽوئٽ ڪيو ته اپوزيشن خريد ۽ وڪرو سميت سمورا غيرقانوني ۽ غير اخلاقي طريقا استعمال ڪري جمهوريت کي نقصان پهچائي رهي آهي. عمران خان غيرقانوني ۽ غير جمهوري طريقن جي خلاف  جنگ جو اعلان ڪيو آهي.

ياد رهي ته گذريل نجي ٽي وي جي لائيو پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اپوزيشن خريد ۽ وڪرو سميت سمورا غير اخلاقي طريقا استعمال ڪري رهي آهي. شبلي فراز چيو ته اپوزيشن هميشه قانون جي ڀڃڪڙي ۽ پئسن جو استعمال ڪندي آهي. هن ڀيري اسان تيار آهيون. گهٽ وقت ۾ جيڪو به ضروري هوندو ڪنداسين.

وفاقي وزير چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته اسان هٿ پويان ٻڌي ڇڏيون ۽ ڌريون جيڪو به طريقو چاهين استعمال ڪن. ائين نٿو ٿي سگهي ته فٽبال ۾ ڌر کي هٿ سان بال روڪڻ جي اجازت هجي ۽ اسان صرف پيرن سان کيڏي سگهون ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔