سنڌ جي ثقافت کاتي فنڪارن کي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ واري شرط ۾ رعايت ڪري ڇڏي

ڪراچي : سنڌ جي ثقافت کاتي فنڪارن کي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ واري شرط ۾  رعايت ڪري ڇڏي، ڪالهه سنڌ جي ثقافت کاتي جي انڊوومينٽ فنڊ بورڊ جو اجلاس ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ثقافت کاتي پاران  صحت ڪارڊ جي لاءِ فنڪارن جي درخواستن جي ڇنڊڇاڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن بعد بورڊ فيصلو ڪيو ته صحت  ڪارڊ جي مستحق فنڪارن جي عمر ۾ 45 سالن کان گهٽائي 35 سال ڪئي ويندي، ان حوالي سان ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته سڄي دنيا ۾ صحت ڪارڊ جو رواج آهي، انهي ڪري اسان به سنڌ جي فنڪارن کي صحت ڪارڊ جي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 45 سالن جي عمر واري حد ۾ 10 سال گهٽتائي ڪري 35 سال مقرر ڪرڻ سان وڌيڪ فنڪارن کي فائدو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔