عرفان جتوئي شاگرد نه پر ڏوهاري هو، مقابلي ۾ مارجي ويو: ايس ايس پي سکر

سکر: ايس ايس پي سکر عرفان سمون چيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڇانگڙو پوليس ٿاڻي جي حد ۾ پوليس جي ناڪابندي دوران اڻڄاتل جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪئي، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ نامعلوم ڏوهاري مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ عرفان جتوئي طور ٿي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته مارجي ويل ڏوهاري جي واقعي کان پوءِ جڏهن هن جو ڏوهاري رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو ته هو سنڌ جي اندر وڏين وارداتن ۾ ملوث نڪتو، عرفان اغوائن، ڦرلٽ، ڌاڙن، چورين، گاڏيون ڦرڻ ۽ ٻين وارداتن ۾ ملوث هو، هن چيو ته 2014 هاءِ ڪورٽ بار لاڙڪاڻي جي اڳواڻ اطهر عباس جي اغوا ۾ به عرفان ۽ هن جا ڀائر شامل آهن، ان کان علاوه، سکر، لاڙڪاڻو، نواب شاهه، شڪارپور، حيدرآباد، ڪراچي ۽ ميرپور خاص ۾ هن جي خلاف 27 ايف آءِ آرز ڪٽيل آهن، هن چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي هن واقعي کي الڳ رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ڇو ته هي شاگرد ظاهر ڪيو پيو وڃي، ڏوهاري کي بچائڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي هن کي ٽرينڊ ڪيو ويو، 27 ايف آءِ آر هجڻ باوجو وڏي ڏوهاري کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميه سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي ته هنن مون کي ٻڌايو ته هي شاگرد نه هو، پر جيڪڏهن ڪو شاگرد هجي ۽ هو ڏوهاري هجي ته ڇا ان کي ڇڏي ڏجي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ شخص حيدرآباد مان گرفتار ٿئي ۽ ٻئي ضلعي ۾ ان کي ماريو وڃي، اهڙي قسم جون ڳالهيون ڪري هن جو معصوم چهرو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته اسان جاچ ڪئي آهي ته هن جا ڀائر ساجد ۽ ٻيا به ڏوهن ۾ ملوث آهن ۽ جن ماڻهن کي هن اغوا ڪيو ۽ لُٽيو ڇا اهي اسان جا ماڻهو نه آهن، پوليس جو ڪم آهي سڀني کي تحفظ ڏيڻ، هن چيو آهي ته 2014 ۾ بهن عرفان جي خلاف اغوا جا ڪيس داخل ٿيل آهن، عرفان ڪيترن ئي ڪيسز ۾ گهربل به هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔