اين اي 75 ڊسڪه تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي تاريخ تبديل، 10 اپريل تي ٿيندي

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 75 ڊسڪه تي ٿيندڙ ضمني چونڊ جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب هاڻ اتي چونڊ 18 مارچ بدران 10 اپريل تي ٿيندي. ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت طرفان ڌيان ڇڪايو ويو هو ته سمورن ضلعي ۽ ڊويزنل آفيسرن جي معطلي ۽ بدلي بعد نون مقرر ٿيل آفيسرن کي انتظامي صورتحال سمجهڻ لاءِ ڪجهه وقت گهربل آهي. ان ڪري اليڪشن ڪميشن هدايتون جاري ڪيون آهن ته پنجاب حڪومت مستقل بنيادن تي انتظامي آفيسرن جي خالي پيل جاين تي مقرريون ڪري، ان ڪري هاڻ چونڊون 18 مارچ بدران 10 اپريل تي ٿينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔