ٿر ۾ پراسرار بيماري سبب وڌيڪ هڪ سئو کان مٿي مور مري ويا

مٺي: ٿر اندر مورن ۾ پراسرار بيماري سبب 100 کان وڌيڪ مور مري ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي بيمار ٿي پيا آهن.ٿرپارڪر جي ڏوراهين علائقي ۾ بيماري جو شڪار صرف انسان ئي ناهن پر جنگلي جانور به ان جو شڪار آهن ۽ ٿر جي ريگستان ۾ خوبصورتي پکيڙيندڙ مور هڪ دفعو ٻيهر مرڻ لڳا آهن.رپورٽ موجب وائلڊ لائف کاتي کي ڪيترائي ڏينهن گذرڻ باوجود بيماري جي خبر نه پئجي سگهي آهي. وائلڊ لائف کاتي موجب مورن جي ڳچي ۾ سوڄ ۽ مناسب خوراڪ جو نه ملڻ سبب مور تيزي سان مري رهيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ هفتي جي دوران ٿرپارڪر جي تعلقي مٺي، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلو جي 10 کان وڌيڪ ڳوٺن۾ 100 کان وڌيڪ مور مري ويا آهن ۽ 2 درجن کان وڌيڪ مور بيماري ۾ مبتلا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔